عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور: سنڌي اداڪار، شاعر ۽ وڊيو فلم ڊائريڪٽر عبدالجبار ولد خدا بخش پنهور، 18 آگسٽ 1972ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. هن فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان ڪيو ۽ پوءِ ريڊيو تي صداڪاري ڪئي. سندس پهريون ڊرامو شبنم گل جو لکيل ’ورهين جو ويراڳ‘ هو، جنهن جو پروڊيوسر ڪامران ڀٽي هو. ان بعد هن کي پي. ٽي. وي تي پروڊيوسر بيدل مسرور ’رس چس‘ پروگرام ۾ متعارف ڪرايو. سنڌي سيٽلائيٽ چينل ڪي. ٽي. اين تي هن مشهور ڊرامن ’چولي‘، ’ماما لالو‘: سنڌ ٽي. وي تي ’بهادر ٻارڙا‘: مهراڻ ٽي. وي تي ’مٺو زهر‘، ’علم جي روشني‘ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. جبار پنهور مختلف وڊيو فلمون: ’ضدي‘، ’زورآور‘، ’خيرات جو ڀت‘، ’وحشي انسان‘، ’سنڌ جو سلطان‘ ۽ ’عاشقي‘ وغيره ٺاهي پيش ڪيون آهن. عملي زندگيءَ ۾ هي سنڌ پوليس ۾ وائرليس آپريٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.08.18  عيسوي

عبدالجبار ولد خدا بخش پنهور، 18 آگسٽ 1972ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو مولا بخش مسڪين
عبداللطيف بنگلزئي حاجي
شيخ عبدالمجيد سنڌي
بگٽي شر
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
ٻوڌراج ٻوڌ
عبدالصمد خان اچڪزئي
اندر جيت لوهاڻو
آنند هندوجا
ڀڳت ٽڪيارام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون